ڪراچي – 22 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه ??ارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽي وي اي ٽي) شعبي جي مختلف ڌرين سان ملاقات دوران ڪيو. ثمينه ??ارف علوي چيو ته پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کي اسان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڌيان طلب ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارتن تي ڏيڻ گهرجي. هن ترب??تي ادارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته انڊسٽري ۽ ترب??تي ادارن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪندڙ هنر جي تربيت جي لاءِ مضبوط رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار شروع ڪرائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خاتون اول کي تنظيم جي ڪم ۽ سڄي ??وبي ۾ هنرمنداڻي تربيت ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار ب??بت بريفنگ ڏني. خاتون اول شرڪت ڪندڙن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي ترب??تي پروگرام جوڙڻ ۽ انهن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ڌرين تي زور ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارتن جي اهميت جي حوالي سان عوام ۾ بيداري پيدا ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشن اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ، اٿارٽي جي ٻين عملدارن، نجي ۽ پيشيواراڻي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.