اسلام آب??د ?? 14 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو، افغانستان ۾ پاڪستان جي م??د سان تعمير ٿيندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگرد افغانستان جي ترقي ۾ ا??م ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته انهن جي لاءِ وظيفا جاري رکيا وڃن ۽ سمورا ضروري وسيلا دستياب ڪيا وڃن. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي امڪانن جي حوالي سان ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پاڪستان جي م??د سان تعمير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف افغانستان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ??زي??اعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي افغان عوام جي امداد جي لاءِ اعلان ڪيل منصوبن ۽ واعدن تي تيزي سان عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، ??زي??اعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ??زي??اعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.