اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته فلسطين جو تڪرار وچ اوڀر ۾ بدام??ي جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فلسطين جي پ??ڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جيڪو او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل آهي. فلسطيني پ??ڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته مسلمان امت جي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن سميت حل طلب مسئلا خطن ۾ عدم استحڪام جي بنيادي سببن مان آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ تي سنگين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. وزيراعظم فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين جو الميو جيڪو پاڪستاني عوام ۽ پوري دنيا جي مسلمانن جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي وچ اوڀر ۾ بدام??ي جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير المالڪي فلسطين تي پ??ڪستان ج?? اڻٿڪ حمايت ۽ اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ او آءِ سي سميت علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تعاون تي پ?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.