اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته لُٽ مار ڪندڙن جو ٽولو چونڊيل وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ متحد ٿي وي?? آهي ته جيئن ماضي ۾ اقتدار جي دوران لُٽيل قومي دولت کي بچائي سگهجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جي پارليامينٽ ۾ موجودگي وزيراعظم عمران خان جي ٿورن سان آهي، ڇو ته هنن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ??ٽي?? هو، هن چيو ته تقريب?? 170 ملين ماڻهن وزيراعظم کي ووٽ ڏنو هو ۽ سمورن امي??وا??ن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽڪيٽ جي ڪري ووٽ مليا آهن، پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبرن وزيراعظم عمران خان جي نالي تي ڪامياب ٿيا آهن اهي پهرين پنهنجي سيٽن تان مستعفي ٿين ۽ نئين سري سان اليڪشن وڙهن. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ماڻهو جي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ڪنهن ٻي پارٽي جي امي??وا?? کي ووٽ ڏي. مملڪتي وزير چيو ته هن پنهنجي تڪ جي ماڻهن کان 125000 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا پر ووٽ وزيراعظم عمران خان کي ڏنا ويا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي آرٽيڪل 63 اي تي صدارتي ريفرنس جي تشريح ڪري ان معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي، جمهوريت جي تسلسل ۽ مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ هارس ٽريڊنگ جو رواج ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي تشريح ڪري، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ڇانگامانگا طرز جي سياست کي ٻيهر متعارف ڪراي?? آهي ۽ سنڌ هائوس چونڊيل ميمبرن جي وفادارين جو نيلام گهر بڻجي چڪ?? آهي، مخالف ڌر پاران سينيٽ اليڪشن دوران به هارس ٽريڊنگ ڪئي وئي، هن چيو ته اهو وزيراعظم عمران خان هو جنهن پنهنجي پارٽي جي ايم ??ي ايز ي ڪي پي ڪي مان ڪڍيو، جنهن پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪيا، ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مقبول ترين اڳواڻ آهي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي جلسن م ماڻهن کي آڻڻ لاءِ پٽوارين جي تعاون جي ضرورت نه هئي، هن چيو ته 27 مارچ تي ”عوامي ريلي پلس“ هوندي ۽ ان ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هوندي.