اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ اڱاري ڏينهن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ پنهنجي ويزن جي تعبير جي ل??ءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي، شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، انهن کي زندگي جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر زندگي ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل ل??ءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ ل??ءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم زراعت، فوڊ سيڪي??رٽ??، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن جي ڪاروباري شخصيتن سان چارٽر آف اڪانومي جي ل??ءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ انهن کي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو.