اسلام آباد – 07 – جون (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز ??ريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لوڊشڊيڊنگ گهٽ ڪرڻ جي طريقن ۽ توانائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، بجلي ج?? وڌيڪ طلب کي پ??رو ڪرڻ جي لاءِ نصب ٿيل صلاحيت جي کوٽ آهي، سپلاءِ چين ۾ پڻ گيپ آهي ڇو ته پي ٽي آءِ ٻارڻ جا ڪيترائي معاهدا نه ڪيا، اسان انهن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري رهيا آهيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ انهن سمورن منصوبن کي چار سالن ۾ نه هلائي سگهي جيڪي پ?? ايم ايل اين شروع ڪيا هئا. هن چيو ته تريمون ۾ سيمنز جو ايل اين جي پ??انٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 61.6 سيڪڙو ڪارائتو پلانٽ آهي ۽ هتي 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پهرين ٽربائن اچي چڪ?? هئي، اهو پلانٽ اڃا تائين ناهي هلي سگهيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قومي سطح تي توانائي واري وزارت پاران انرجي ڪنزرويشن پلان هن مشڪل وقت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي جڏهن بجلي جي کوٽ آهي ۽ تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊي ۾ بلند سطح تي آهن. هن چيو ته فنانس ڊويزن پاران ڪابينا ۾ ڪفايت شعاري جو منصوبو پيش ڪيو پيو وڃي. ڪابينا ميمبرن سميت سرڪاري عهديدارن جي پ??ٽرول استحقاق ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.