اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين م??اهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عو??م جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عو??م تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حوالي سان قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن م??ن نڪري اينداسين، وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين م??اهدو ڪيو ۽ انتهائي غلط معاشرتي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قوم هن وقت جنهن م??اشي مشڪلاتن م??ن گذري رهي آهي، ان جو ذميدار پا?? کي ڪيئن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي باري ۾ قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو.