اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن ڀيري اسا?? کي آزادي جو ڏهاڙ?? ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميري?? کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته استحصال ڏهاڙ?? ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄي عالمي برادري ڪشميرين جي ڀارتي ظلمن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن ڀيري اسا?? کي آزادي جو ڏهاڙ?? ان عزم سان ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ڀارتي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائينداسين. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن ۽ ڀارت ??ي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي ج?? انسانيت جي ناطي نوٽيس وٺي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان رکيو ويندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تمام وڏ?? انساني الميو آهي ان تي عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاص?? ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.