اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي، جنهن ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ريجن جي 55 شا??ردن ۽ شا??ردياڻين جي وچ ۾ ملي نغمن جا مقابلا ٿيا. ججز جا فرض ڊاڪٽر عبدالستار، ڊاڪٽر مح??د قاسم ۽ ڊاڪٽر اسد منير ادا ڪيا. ان مقابلي ۾ 4 بهترين اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي وچ ۾ فائنل رائونڊ اپ جشن آزادي جي تقريبن جي پڄاڻي تي م??عقد ڪيو ويندو. گرينڊ مقابلي ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شا??ردن کي ترتيبوار 7 هزار، 5 هزار ۽ ٽي هزار ڪيش انعام ڏيندا، مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شا??ردن ۽ شا??ردياڻين کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز راڻا طارق جاويد چيو ته ملي نغمن جي م??ابلي جو بنيادي م??صد نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته شا??ردن ملي نغمن ذريعي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءَ قيوم نئين نسل کي آزادي جو مفهوم سمجهائڻ جي لاءِ آگسٽ کي بطور آزادي م??ينو ملهائڻ جي به هدايت ڪئي هئي جنهن جي لاءِ رجسٽرار، راجا عمر يونس جي مشاورت ۽ ان جي سرپرستي ۾ مختلف تقريبون ترتيب ڏنيون ويون آهن جن ۾ ملي نغمن، تقريرن، بيت بازي، پيٽنگ ۽ مضمون نويسي جا مقابلا شامل آهن.