ڪراچي – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) سلط??ت عمان پاران ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي سامان کڻي پهريون جهاز ڪراچي بندرگاهه پهچي ويو، امدادي سامان ۾ کاڌي پيتي جون شيون، ڪمبل ۽ خيما شامل آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري، ڪراچي ۾ عمان جي قونصلر جن??ل سميع عبدالله سليم الخنجاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن امدادي سامان وصول ڪيو. پاڪستان سلط??ت عمان پاران امداد تي ٿورا مڃيا آهن.