اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد حل ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، سمورين مشڪلا??ن جي باوجود بهادر ڪشم??ري بي مثال قربانين جي ذريعي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن، اسان ڪشم??ري عوام جي خودمختياري جو جائز حق ملڻ تائين س?? سان نه ويهنداسين. ڪشمير ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اُداس دل سان اسان ڪشمير جي حوالي سان هڪ ٻيو ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، 27 آڪٽوبر 1947ع تي 75 سال اڳ ڀارت زبردستي پنهنجي فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي هئي ۽ تڏهن کان اها ان عل??ئق?? ۾ زبردستي ۽ غيرقانوني طور تي قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڀارت عل??ئق?? ۾ 9 لک کان وڌيڪ هٿياربند فوج مقرر ڪري رکي آهي. تشدد، غيرقانوني نظربندين، ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪرڻ، ڪارن قانونن تحت طاقت جي انڌي استعمال ۽ ڪشميرين جي جدا ثقافتي ۽ مذهبي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي لاءِ منظم ڪارروايون والاريل عل??ئق?? تي ڀارت جي ظالماڻي قبضي جي حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي غيرقانوني ۽ هڪطرفي طريقي سان ختم ڪرڻ کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ ڀارتي قابض فوج جي هٿان اٽڪل 790 بيگناهه ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. ناليوارا حريت اڳواڻ غيرقانوني طور تي حراست ۾ يا گهرن ۾ نظربند آهن. هن چيو ته ڀارت جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ، جائيداد جي قانونن ۾ تبديلي، چونڊ ضلعن ۾ تبديلي، هندو اڪثريتي عل??ئق?? جي لاءِ رياستي اسيمبلي ۾ نيون سيٽون پيدا ڪرڻ ۽ غير ڪشم??ري رهواسين جا نالا چونڊ فهرستن ۾ شامل ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي لاءِ مذمت جوڳا قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته سمورين مشڪلا??ن جي باوجود بهادر ڪشم??ري بي مثال قربانين ۽ محڪومي کان انڪار ڪندي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تاريخ ان حقيقت جي گواهه آهي ته ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري کان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ۽ پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ کان قابض طاقتون انڪاري آهن. تاريخ ان ڳالهه جي به گواهه آهي ته ڀارت سدائين غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي واعدن جي پاسداري کان مڪمل طور تي انڪاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ساڍن 7 ڏ??اڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي، پاڪستان ڪشميرين سان پنهنجي واعدن تي قائم آهي ۽ ان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف مسلسل آواز بلند ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي مسلسل زور ڏيندو رهيو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ذميواري پوري ڪري، پاڪستان والاريل عل??ئق?? ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف مسلسل آواز اٿاريو آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد حل ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ لڪل آهي ته ڪشميرين کي انهن جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي مينڊيٽ، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جي جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي حوالي سان پاڪستان پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکي آهي. اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو ان بنيادي مسئلي تي قومي اتفاق راءِ آهي. حقيقت ۾ ڪشمير سان محبت ۽ ان منصفاڻي مقصد سان وفاداري اسان جي معاشري جي هر طبقي جو لازمي جز آهي. اهو ئي سبب هو جو اسان جي پياري قائد ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي سمورن ڪشم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي، پاڪستان سدائين توهان سان گڏ بيٺل رهندو، ڀلي ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي. اسان دنيا آڏو توهان جو آواز بڻجنداسين. اسان جي حمايت ۽ يڪجهتي برقرار آهي. اسان ان وقت تائين س?? سان نه ويهنداسين جيستائين ڪشم??ري عوام کي انهن جي خودمختياري جو جائز حق نه ٿو ملي ۽ انشاءَ الله اهو ڏينهن پري نه آهي.