سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪشميري ڀائرن سا?? يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪ??شن?? نوشهروفيروز مهدي مالوف جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪ??شن?? آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سا?? يڪجهتي جي سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪ??شن?? سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪ??شن?? احسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي پچاڻي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪ??شن?? مهدي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سا?? يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي، اسان ڪشميرين تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اڄ??ڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سا?? گڏ آهي.