اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني جو دو??و ڪيو ۽ اڳوڻي چيني صدر جيانگ زيمن ??ي لاڏاڻي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب چيني قونصل خاني جي دو??ي جي موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته اڳوڻي چيني صدر جي پاڪستان سان 50 سالا پراڻي وابستگي هئي، ان جي لاڏاڻي سان چين هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ زيمن ??و ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، انهن کي هڪ عالمي اڳواڻ طور تي به ياد رکيو ويندو جنهن عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ۽ عالمي ام?? ۽ ترقي کي فروغ ڏنو.