اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان وزيراعظم جي خاص معاون ۽ پ??ڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪري??ري فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن ط??رق، نديم افضل چن ۽ آصف بشير ڀاڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان پروگرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.