اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڳ??ڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ چين جي اڳ??ڻي صدر جي لاڏاڻي تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين جي اڳ??ڻي صدر کي سدائين هڪ عظيم اڳ??اڻ طور ياد رکيو ويندو. هن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چين جي ترقي ۾ اڳ??ڻي صدر جيانگ زيمن جو ڪردار اهم ۽ آفاقي حيثيت رکندڙ آهي.