اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? پاڪستان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقصا?? جي ايجنڊا کي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو جنه?? جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، اهو هڪ تاريخي قدم آهي، پاڪستان جو ڪيس موسمياتي انصاف آهي خيرات نه آهي، ترقي يافته ملڪن پاران ماحولياتي تبديلي?? جي چئلينج کي قبول ڪرڻ خوش آئنده آهي، جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو. هو شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس دوران پاڪستا?? جي ڪامياب موسمياتي سفارتڪاري تي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي حصيدار?? جي ڪوششن کي ساراهڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ت?? پاڪستان کي تازي ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1800 فوتگيون ٿيون جڏهن ته زرا??ت، صن??ت، لائيو ا??ٽاڪ، انفراسٽرڪچر سميت 30 ارب ڊالر جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ت?? پاڪستا?? جي ٻوڏ متاثري?? جي مدد ڪندڙ سمورن ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪئي ويندڙ مدد سدائين ياد رکي ويندي. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستانجي اندر به سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن متاثري?? جي دل کولي مدد ڪئي، اهڙي طرح سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستا?? جي حڪومتن متاثري?? جي ڀرپور مدد ڪئي. هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي صوبائي ادار?? جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪوپ 27 جي عالمي فورم تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري برساتن سان پاڪستان ۾ ت??ام گهڻي تباهي ٿي جڏهن ته موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گئس?? جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسا?? جي خواهش ۽ دعا آهي ته جيڪو پاڪستان ۾ ٿيو اهو ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ٿئي جڏهن ته اها تلخ حقيقت آهي ته موسمياتي تبديلي?? جي اثرن ۽ ا?? جي نتيجن ۾ رونما ٿيندڙ آفتون سرحدن جون پابند نه آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو پاڪستان جو آواز عالمي سطح تي ٻڌو ويو ۽ ا?? جي ڪوشش?? جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ماحولياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ت?? پاڪستان جو ڪيس موسمياتي انصاف جو آهي خيرات جو نه آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترقي يافته دنيا موسمياتي تبديلي جي چئلينج جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ شرم الشيخ ۾ شاندار معاهدو طئي ٿيو جنه?? جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جڏهن ته معاهدن تي عملدرآمد جي وڌيڪ اهميت هوندي ان موقعي تي وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدار?? جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائق?? جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.