اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪا??ينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران ??روع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو ب??يادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو جلد پيش ڪيو وڃي. توانائي بابت ڪا??ينا ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعطم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پلان ??لد کان ??لد پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. توانائي بابت ڪا??ينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران ??روع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي انفراسٽرڪچر/ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.