اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪ??تا?? سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آه?? ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ چيو ته اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف ت??دد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪ??تا?? سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آه?? ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن.