اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي، پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي آهي ۽ پاڪستان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خوا??شم??د آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري چين جي حڪوم?? ۽ ??وام جي پاڪستان سان محبت جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي ۾ چين جي حصيداري سان تعمير ٿيل ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت چين پاڪستان ۾ بجلي جي شارٽ فال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي مون سميت سڄي قوم چين جي حڪوم?? ۽ ??وام جي ٿورائتي آهي. ملاقات ۾ چائنا اٽامڪ انرجي اٿارٽي (سي اي اي اي) جي وائيس چيئرمين ليوجنگ، پاڪستان ۾ چ??ني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چن شوئي ۽ لاڳاپيل چ??ني اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چين جي پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي. وفد وزيراعظم کي ڪي ٿري کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو.