اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي قط?? ۾ منعقد ٿيندڙ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي قط?? جي دوري ??ي دعوت، قط?? جي امير طرفان ڏني وئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطا??ق ڪانفرنس 5 کان 9 مارچ 2023ع تائين ٿيندي جنهن ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائز?? ورتو ويندو. عالمي اڳواڻ امدادي ڪارروائين کي متحرڪ ڪندا ته جيئن انهن ملڪن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري ??گهجي. پنهنجي دوري ??وران ڪانفرنس ۾ شرڪت کان سواءِ وزيراعظم دوحه ۾ مختلف عالمي اڳواڻن، وفدن جي سربراه سان ملاقاتون ڪندو. ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي معاونت جي حوالي سان عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺندا جن تي ترقياتي شراڪتدارن طرفان اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي عالمي سطح تي پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري ??هيو آهي. سال 2022ع دوران جي-77 ۽ چين جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان ايل ڊي سيز جي امداد جي حوالي سان اثرائتن قدمن کي يقيني بڻايو. اهو ئي سبب آهي ته قط?? ۾ ڪانفرنس منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادن تحت ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ڪانفرنس ۾ شرڪت سان گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پاڪستان طرفان سپورٽ ۾ مدد ملندي جنهن سان ايل ڊي سيز جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي 20230ع جي سائوٿ ڪو آپريشن فريم ورڪ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري ??يجنڊا تحت اثرائتي عالمي شراڪتداري ??ي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.