اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن کي سخت م??نت ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ?? يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي کي خطاب ڪندي انهن تي زور ڏنو ت?? اهي پنهنجي اندر همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو احترام ڪرڻ جون خصوصيتون پيدا ڪن. هن چيو ت?? قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ يتيم ٻارن سان بهتر سلوڪ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ت?? سخت م??نت عملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راهون کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چيو ت?? حضور ﷺ به ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو هو. هن هڪ قرآني آيت جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ ٻاروتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي يتيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا هن توهان کي يتيم سمجهي پناهه ناهي ڏني. ان موقعي تي صدر ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کي ٻڌايو ت?? ايوان صدر اصل ۾ انهن جو آهي. ان کان اڳ پاڪستان آرفنز ڪيئر فورم ??ي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ت?? 15 رمضان المبارڪ کي يتيمن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ت?? 18 جي لڳ ڀڳ فلاحي تنظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پو??و ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻارن کي پرورش ۾ معاونت جي لاءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو ۽ انهن کي پنهنجي زندگين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.