اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ڪريچيف پنهنجي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آءِ سي ٽ?? ۽ ??وامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي گ??يل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان بلغاريه بين الحڪومت?? ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ فعال رابطن تي ??تفاق ڪيو. بلغاريه ۾ افرادي قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني افرادي قوت کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد بلغاريه جا يورپي يونين سان پاڪستان جي فعال رابطن خاص طور تي ??ي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ڏس ۾ معاون ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي ??بديلي سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ فارمز خاص طور تي گ??يل قومن ۾ ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي تي پڻ زور ڏنو.