اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ??اهر پنهنجي اعم??لن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي، هن سعودي عرب جي ڏنل گهڙيءَ وڪرو ڪئي، سائفر جو ڪوڙ ڳالهايو، قومي ادارن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرايا ۽ ملڪ جي بدنامي جو مرتڪب ٿيو، 9 مئي جي سانحي جي ڏوهه جي مذمت ڪافي نه آهي، عمران خان ڏوهه جو اعتراف ڪري ۽ ذميواري قبول ڪري، مذمت سان 9 مئي جو ڏوهه لڪي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڏوهاري. اهڙن خي??لن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تسليم ڪري ته 9 مئي جي کليل دهشتگردي ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي جي پٺيان توهان ??اسٽر مائنڊ هئا ۽ توهان ??نصوبابندي ڪئي، اسپتالون، اسڪول، مسجدون، ايمبولينس ۽ ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙڻ جي منصوبابندي توهان ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان ??ذمت نه ڪري، دهشتگردي جي مرڪز زمان ??ارڪ ۾ لڪل دهشتگرد قانون جي حوالي ڪر??. ه?? چيو ته پوليس تي پيٽرول بم، گوليون ۽ پٿر اڇلائيندڙ رڳو مذمت ڪري جان ??ه ٿا ڇڏرائي سگهن. رياست تي حملو ڪندڙن کي سزا ڏيڻ دنيا ۾ ڪنهن ان??ان?? حق جي خلاف ورزي نه آه??. ه?? جو چوڻ هو ته اسپتالن، اسڪولن ۽ مريضن تي حملو ڪري ايمبولينسون ساڙڻ ان??ان?? حقن جون خلاف ورزيون آهن، انهن ڪاررواين ۾ ملوث وحشين کي سزا ڏيڻ ان??ان?? حقن جي خلاف ورزي نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فاشسٽ جي هٿان ??ُنهن، ڌيئرن ۽ پٽن کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ ان??ان?? حقن جي خلاف ورزي هئي، طيبه گل کي اغوا ڪري وزيراعظم هائوس ۾ رکڻ ان??ان?? حقن جي خلاف ورزي هئي، صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي قيد ڪرڻ، گوليون هڻڻ، اغوا ڪرڻ ۽ انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙڻ ان??ان?? حق جي خلاف ورزي هئي، هزاره برادري جي مظلوم شهيدن جي پونئيرن کي ”جنازن سان بليڪ ميل نه ٿيندس“ چوڻ ان??ان?? حقن جي خلاف ورزي هئي.