اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان آئين ۽ قانون جي پاسداري تي يقين رکون ٿا، ڪنهن کي به پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ۽ عدليه جي وقار کي بحال ڪنداسين، فيصلو پاڪستان جي عوام ڪندو، سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي،بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. پي ڊي ايم جي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته فيصلو پاڪستان جو عوام ڪندو، عدليه اسان ??اءِ محترم آهي، اسان عدليه جي وقار کي بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسلام عدل ۽ انصاف جو هڪ معيار مقرر ڪيو آهي، انصاف جو بنياد برابري تي آهي، منصف لاءِ جائز ناهي ته هو ڪنهن جي طرفداري ڪري، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومت کي نه ٽوڙيو وڃي ها ته ملڪ ۾ بحران ??ه پيدا ٿئي ها، هن چيو ته ڪنهن کي پارليامينٽ ۽ عوام جي تذليل جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪو اسان جي تذليل ڪندو ان کي تسليم نه ڪنداسين، سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي پنهنجا فرض سرانجام ڏين، سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي، بدمعاشن جي جٿن کي سياست نه چيو وڃي. هن چيو ته اسان جي سامهون واقع عدليه جي عمارت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس مقرر آهي، مان کين چوان ??و ته بيشڪ هو هٽي وڃن اسان ??ن عمارت جي حفاظت ڪنداسين ۽ هن جي عزت ۽ وقار کي ڪنهن کي ميري ا?? سان ڏسڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته اسان به اختلاف ڪيا، 2018ع جي چونڊن ۾ کليل ڌانڌلي ٿي، جنهن خلاف اسان ??يدان ۾ نڪتاسين ۽ ڪنهن جي ناراضگي جي پرواهه نه ڪئي، اسان جڏهن ڌانڌلي خلاف انهي عمارت آڏو ڌرڻو ڏنو هو ته ڪنهن سو موٽو نه ورتو، اسان ڪيترائي ملين مارچ ڪيا پر ڪنهن نوٽيس نه ورتو، 15 لک ماڻهن جو اجتماع ڪيو پر ڪنهن جي ڪنن تي جون نه چري، هن چيو ته ننڍي کنڊ جي 300 سالن جي تاريخ ۾ غلامي جون زنجيرون اسان ??وڙيون ??هن ۽ اسان اڄ به زنجيرون ٽوڙڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم جي نااهلي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، مان ??ڌائڻ چاهيان ??و ته جيڪڏهن ناجائز هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ??زيراعظم ۽ پارليامينٽ جو تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته لاڏلي کي عدالت ۾ احترام ڏنو ويو ڇا اهو جائز هو؟ ڪنهن جوابدار جو ريمانڊ ڏيڻ کانپوءِ ان جي ضمانت جو ڪو مثال موجود ناهي. هن چيو ته آرمي چيف پنهنجي سينارٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان کي متحد رکڻ جي آخري طاقت فوج آهي، عمران خان ??وج ۾ ورهاست جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ??وج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هئاسين ۽ بيهنداسين، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو، قلعه بالاحصار، ميانوالي ايئر بيس، شهيدن جي يادگارن جي حملا ڪندڙن کي تحفظ نه ڏنو وڃي. هن چيو ته نبي ڪريم صلعم فرمايو هو ته جيڪڏهن پاڻ سڳورن جي ڌيءَ به چوري ڪندي ته اها سزا جي حقدار هوندي، اسلام عدل ۽ انصاف جو اعليٰ معيار مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته جنهن دستور جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي دستور اسان بڻايا آهن، جنهن قانون جي بنياد تي عدالتون فيصلا ڏين ٿيون اهي قانون اسان ??اهيا ??هن ته ڇا اسان ??انون نٿا ڄاڻون، پاڪستان ۾ يهودي لابي نه هلندي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي سازش نه هلندي، آئين جي اسلامي حيثيت جو تحفظ ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان ڪشمير کي هندستان ۾ ضم ڪرڻ لاءِ مودي جو سهولتڪار بڻيو. هن چيو ته اسان اصولن جي سياست ڪريون ٿا، اسان سڀني جي آڏو حق جي ڳالهه ڪنداسين ۽ آمريڪا، يورپي يونين ۽ ڀارت آڏو به حق جو علم بلند ڪنداسين. ڀارت ۾ خوشي جي لهر آهي ۽ عمران خان کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته ايترو نقصان ??اڪستان کي ڀارت به نه پهچائي سگ??يو?? اڄ ڀارت ۾ پاڪستان جا دشمن خوش ??هن ۽ چئي رهيا ??هن ته عمران خان ??اڪستان جو ستياناس ڪري رهيو آهي، هن فوج کي نشاني تي رکيو آهي. هن چيو ته اسان جي باري ۾ خيال ڪيو پيو وڃي ته اسان ??تان ??ليا وينداسين ته ٻيهر ڪيس ٻڌو ويندو پر مان ??ڌائڻ چاهيان ??و ته اسان ??يهر اينداسين ۽ شاهراهه دستور تي پنهنجا جهنڊا ڦڙڪائينداسين ۽ پوءِ عوام جي عدالت لڳائينداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته هو پي ڊي ايم ۾ شامل سمورن اڳواڻن شاهه زين بگٽي، خالد مگسي ۽ خالد مقبول سميت سڀني کي ڀليڪار چوي ٿو ۽ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪري ٿو ته مختصر وقت ۾ ڀرپور جذبي سان ??تي پهتا ??هن ۽ اسان جي آواز تي لبيڪ چيو آهي. هن ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو پرامن رهن ۽ ٻين کي به پرامن رهڻ جي هدايت ڪن. مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن کي چيو ته هو حوصلو رکن، پنهنجي ايمان ۽ جذبي جي حفاظت ڪن، اسان جو ملڪ ۽ دين محفوظ آهي جيستائين اسان زنده آهيون اسلام دشمن ۽ يهودين جا خواب شرمنده تعبير ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان کي اسلام جو قلعو بڻائينداسين.