اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ا??ند?? مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب پنجاب صوبي ۾ 16 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ 9 ارب 11 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ رکي?? ويا آهن، سنڌ صوبي ۾ 3 جاري ۽ 8 نئين منصوبن جي لاءِ 21 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ 3 ارب 68 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 25 جاري ۽ 7 نئين منصوبن جي لاءِ 50 ارب رپيا رکي?? ويا آهن. ان کانسواءِ ضم ٿيل ضلعن جي ٻن منصوبن جي لاءِ 57 ارب رپيا رکي?? ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ هڪ نئين ۽ 8 جاري منصوبن ۽ بلاڪ ايلوڪيشن جي مد ۾ 32 ارب 35 ڪروڙ جڏهن ته گلگت بلتستان جي لاءِ 28 ارب 45 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ ريجنل گرڊ جي قيام لاءِ هڪ ارب رپيا، بين الصوبائي رابطا اقتصادي لنگهه جي لاءِ 80 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن، هنزه ۾ گريٽر واٽر سپلائي جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا ۽ چلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتال لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن. آزاد ڪشمير ۾ رٺوعا هريام پل جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکي?? ويا آهن، پنجاب ۾ الله انٽرچينج کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي منصوبي جي لاءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن، سيالڪوٽ ڪينٽ کان جيسر گيريزن تائين 69 ڪلوميٽر رستي کي وڪرو ڪرڻ ۽ بهتري جي لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن، سياڪوٽ ايمن آباد روڊ کان ڪامونڪي موٽروي لنڪ تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکي?? ويا آهن. سنڌ صوبي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي جي رستن جي تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، روهڙي کان گڊو ??ئراج تائين رستي جي بهتري لاءِ 4 ارب رپيا، ٽنڊو ??لهيار کان ٽنڊو ??دم تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب رپيا، نوابشاهه کان راڻيپور تائين مهراڻ هاءِ وي سان اضافي ڪيرج وي جي تعمير لاءِ 4 ارب رپيا، سانگهڙ کان نيشنل هاءِ وي اين 5 رستي جي بهتري لاءِ 3 ارب رپيا، سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ 2 ارب رپيا، ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 2 ارب رپيا جڏهن ته حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 10 ارب رپيا رکي?? ويا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خيبر انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ ۽ چلڊرن اسپتال پشاور جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا، سوات موٽروي فيز ٽو ۾ زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن. ڏکڻ ضلعن جي سمورين اسپتالن جي سولرائيزيشن جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکي?? ويا آهن. بلوچستان ۾ درگئي سبوزئي اين – 70 کان تونسه شريف اين – 55 رستي لورالائي موسيٰ خيل جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکي?? ويا آهن، ڪوئيٽا شهر ۾ ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مختلف لائي اوورز جي تعمير لاءِ هڪ ارب رپيا، پنجگور آوران رستي جي تعمير جي لاءِ 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا، لورالائي قلعي سيف الله کان خانوزئي ??را?? تائين رستي جي بهتري ۽ وي??را??ي جي لاءِ هڪ ارب رپيا جڏهن ته خاني ??را?? کان زيارت تائين رستي جي نئين سر تعمير، وي??را??ي ۽ بهتري جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکي?? ويا آهن.