اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ڊفينس ڊويزن جي 16 منصوبن جي لاءِ 3400 ملين رپيا رکي?? ويا آهن، انهن ۾ 8 جاري ۽ 8 نوان منصوبا شامل آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ڊفينس ڊويزن پاران جاري اسڪيمن جي لاءِ 2112.56 ملين رپيا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 1287.43 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جاري اسڪيمن ۾ آءِ سي ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ايگريڪلچر سسٽم جي تياري جي لاءِ 190 ملين رپيا، نيشنل ايرو اس??يس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ايوي ايشن سٽي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ 853 ملين رپيا، نيشنل اس??ٽيل ڊيٽا انفراسٽرڪچر جي قيام جي فزيبلٽي اس??ڊي جي لاء?? 60 ??لين رپيا، انسٽيٽيوٽ آف انڪلوسيو ايجوڪيشن اس??ام آباد جي قيام لاءِ 40.43 ملين رپيا، نيشنل يونيورسٽي اف پاڪستان اس??ام آباد جي قيام لاءِ 223.55 ملين رپيا، اين آئي ايڇ ٽي سينٽر آف ايڪسي لينس فار پريونيٽو، ڪارڊيو ويسڪولر ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي لاءِ 170 ملين رپيا، نيشنل يونيورسٽي اف ميڊيڪل سائنس پاران اس??ام اباد ۾ ميڊيڪل سٽي جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ (فيز 2) جي لاءِ 558.127 ملين رپيا ۽ خانپور ڊيم واٽر سورس (فيز 3) تي واٽر ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ جي لاءِ 17.45 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن سمورين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 880.500 ملين رپيا لڳايو ويو هو. ڊفينس ڊويزن جي جاري اسڪيمن نيو جنريشن نيشنل جيوڊيٽڪ ڊيٽم آف پاڪستان جي قيام لاءِ 9 ملين رپيا، ايريل فوٽوگرافڪ سروي جي لاءِ جديد يو اي ويز (ڊرونز) ج?? خريداري جي لاءِ 272 ملين رپيا رکي?? ويا آهن. نئين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 5179.61 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جنهن ۾ 1522.614 ملين ??پي?? جي غيرملڪي امداد شامل آهي.