اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ما??ي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائين انهن جي تڪميل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو رکيو ويو آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ ڄاڻ??يل رقم 267 ار?? رپيا جيڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 سيڪڙو آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل رقم 100 ار?? رپيا (11 سيڪڙو) آهي. توانائي جي شعبي ۾ رکيل رقم 89 ار?? رپيا (رکيل رقم جو 9 سيڪڙو)، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ ڄاڻ??يل رکيل رقم 43 ار?? رپيا آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ار?? رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جن ما?? 57 ار?? رپيا ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ، 32.5 ار?? رپيا آزاد ڄمون ڪشمير ۽ 28.5 ار?? رپيا گلگت بلتستان لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن انهن علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.