ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ميانوالي سان تعلق رکندڙ پارٽي جي پراڻي ساٿي ۽ پنجاب ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ صداقت الله جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ ايڊووڪيٽ صداقت الله جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ سوڳوارن جي لاءِ صب?? جميل جي دعا پڻ ڪئي.