اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ بين الاقوامي ما??ياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول مع??هدو طئي ٿي ويو آهي. بين الاقوامي ما??ياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني عملدارن سان ذاتي طور ۽ ورچوئل ميٽنگ ڪئي ته جيئن آءِ ايم ايف طرفان اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت پاڪستان لاءِ هڪ نئين ما??ياتي انگيجمينٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. مشن جي پڄاڻيءَ تي پورٽل پڌرائي جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستاني عملدارن سان اسٽاف سطح تي 2250 ملين ايس ڊي آر (تقريبن 3 بلين ڊالر يا 111 سيڪڙو آءِ ايم ايف ڪوٽا) جي رقم ۾ 9 مهينن جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تي مع??هدو ٿي ويو آهي. نئين ايس بي اي پاڪستان جي 2019ع اي ايف ايف سپورٽ يافته پروگرام تحت عملدارن جي ڪوششن تي ٻَڌل آهي جيڪو جون جي آخر ۾ ختم ٿي رهيو آهي. هي مع??هدو آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوريءَ سان مشروط آهي جنهن سان توقع آهي ته جولاءِ جي وچ تائين ان درخواست تي غور ڪيو ويندو. آگسٽ 2022ع ۾ 2019ع جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت گڏيل ستين ۽ اٺين جائزن جي تڪميل کانپوءِ معيشت کي ڪيترن ئي پرڏيهي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پيو. جن ۾ 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن ۾ لکيل پاڪستاني ۽ يوڪرين ۾ روس جي جنگ جي نتيجي ۾ بين الاقوامي جنسن جي قيمتن ۾ واڌ شامل آهي. ان مشڪلاتن سان گڏوگڏ ڪجهه پاليسيون غلطيون مٽاسٽا جي ناڻي جي مارڪيٽ جي ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽن سبب مع??شي ترقي رڪجي وئي ۽ ضروري شين سميت مهانگائي تمام گهڻي آهي. پڌرائيء?? مطابق نئين اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ مع??هدو هاڻوڪي پرڏيهي مشڪلاتن سان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رُخي ٻه طرفن شراڪتدارن سان فنانسنگ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪرڻ لاءِ عملدارن جي فوري ڪوششن جي حمايت ڪندو. نئون ايس بي اي مع??هدو پاڪستاني عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ملڪي آمدنيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ محتاط خرچن تي عملدرآمد ذريعي سماجي ۽ ترقياتي خرچن جي لاءِ به جڳهه پيدا ڪندو. آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جي موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ مستحڪم پاليسيءَ تي عملدرآمد مُک حيثيت رکي ٿو. ما??ياتي نظم و ضبط، پرڏيهي دٻاءُ کي جذب ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ جو تعين ٿيل مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح ۽ سڌارن تي وڌيڪ اڳڀرائي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾، موسمياتي لچڪ کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مع??هدو پاڪستان جي پرڏيهي ادائگين جي دٻاءُ کي گهٽ ڪندو ۽ مع??هدي سان سماجي شعبي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بهتر ٿيندي، جڏهن ته مع??هدو پاڪستان ۾ ٽيڪسز جي آمدني وڌائيندو ۽ ٽيڪسز جي آمدني وڌڻ سان عوام جي ترقيءَ لاءِ فنڊ پڻ وڌي سگهندا. مع??هدو پاڪستان ۾ ما??ياتي نظم و ضبط جو سبب بڻجندو ۽ مع??هدي سان توانائي جي سڌارن کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي حساب سان مقرر ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان 9 مهينن جو اسٽينڊ باءِ جو مع??هدو طئي ٿي ويو آهي. مع??هدي سان پاڪستان کي پرڏيهي ملڪن ۽ ما??ياتي ادارن ما?? فنانسنگ دستياب ٿي سگهندا.