ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??راچي جي مسئلن جي حل ??اءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻين ??وضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم جو ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي ??ي کوٽ جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪرايو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته ??راچي جي مسئلن جي حل ??اءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو. ايم ڪيوا يم جي وفد ۾ فاروق ستار، سيد امين الحق، خواجه اظهارالحسن ۽ ٻيا شامل هئا.