اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ پاور ڊويزن واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ اض??في جو وڏو فرق 400 ي??نٽ کان وڌيڪ ي??نٽ استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو آهي، 63.5 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ ٽيرف ۾ ڪو به اض??فو ناهي ڪيو ويو، 31.6 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 3 روپين کان 6.5 روپيا في ي??نٽ اضافو ٿيو جڏهن ته 4.9 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ ٽيرف ۾ 7.5 روپيا في ي??نٽ اضافو ٿيو، اهڙي طرح ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ سراسري ٽيرف ۾ 3.82 روپين جو اض??فو ٿيو. اها ڳالهه اينڪرز ۽ بيورو چيفس کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌائي وئي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اض??في جي ڪري عوام مشڪل صورتحال ۾ ورتل آهي، نگران وزيراعظم اڄ آچر ڏينهن بجلي جي قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس طل?? ڪيو آهي، اجلاس ۾ پاور سيڪٽر سان تعلق رکندڙ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني وئي آهي، پاور ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري بريفنگ دوران ٻڌايو ته صارف لاءِ بجلي جي ٽيرف جو تعين نيپرا ڪندي آهي، ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جو تعين نون پاور پلانٽس لاءِ آهي، هن چيو ته ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس تحت بجلي جي قيمتن ۾ ڦير ڦار ٿيندي آهي. KIBOR وڌڻ سان به ٽيرف ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي آهي، ان کانسواءِ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سبب به بجلي جي قيمتن ۾ فرق ايندو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ صارف مئي ۾ 300 ي??نٽ بجلي استعمال ڪري ٿو ته ان ??و فرق جولاءِ جي بل ۾ لڳي ايندو آهي، هن ٻڌايو ته مالي سال 2023ع ۾ اسان 195 روپيا ڊالر ريٽ موجب اگهه نوٽيفائي ڪيا جڏهن ته ان وقت ڊالر جي قيمت 284 روپين تائين وئي، اسان آر ايل اين جي جي قيمت 3183 ايم ايم بي ٽي يو روپيا مقرر ڪرڻ جو پلان بڻايو جڏهن ته آر ايل اين جي جي قيمت 3 هزار کان 3800 جي وچ ۾ رهي، اهڙي طرح ٻاهران گهرايل ڪوئلي جي قيمت به 51 هزار کان 61 هزار روپيا في ميٽرڪ ٽن رهي. هن چيو ته ايندڙ سال اسان کي 2 ٽريلين روپيا صرف ڪيپيسٽي پيمنٽس جي مد ۾ ادائيگيون ڪرڻيون آهن، هن چيو ته جولاءِ 2022ع ۾ وڌ کان وڌ بجلي جو ٽيرف 31.02 روپيا في ي??نٽ هو ۽ آگسٽ 2023ع ۾ 33.89 روپيا في ي??نٽ بجلي جي قيمت آهي، هڪ سوال تي وفاقي سيڪريٽري چيو ته ڊسڪوز جي آفيسرن کي فراهم ڪيل بجلي جا مفت ي??نٽ ختم ڪري رهيا آهيون، واپڊا جي پراڻي ملازمن کانسواءِ ڪنهن کاتي ۾ بجلي جي بلن ۾ رعايت نه پئي ڏني وڃي، هن وقت اها رعايت ڊسڪوز جي ملازمن کي ملي رهي آهي، هن چيو ته ائين ناهي ته سمورو بار بجلي جو بل ادا ڪندڙن تي وڌو پيو وڃي.