اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آه??، ته بلوچستان ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب واپار لاءِ نهايت فائديمند علائقو آه??، بلوچستان ۾ صنعتي انقلاب ??ي شروعات ??اءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ اهم ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان نه صرف پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آه?? پر ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب پڻ واپار لاءِ نهايت بهترين علائقو آه??. هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات جا ڪيترائي ذخيرا ۽ وڏي پئماني تي زرعي ايراضي هئڻ سبب صنعتن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر وقت م ڀرپور ڪوشش ڪندي ته بلوچستان ۾ صنعتي انقلاب ??ي شروعات ??ئي. هن چيو ته تازو ئي قائم خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مان بلوچستان کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو.