اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئ?? يونيورسٽي ??ي درخواست رد ڪندي ڪورونا جي ڪري بي ايس ڊگري جي باقي ڪورسز مڪمل ڪرڻ کان قاصر رهندڙ شاگردياڻين کي پنهنجي ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي سال ڏيڻ جي معاملي تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صد?? يونيورسٽي پاران شاگردياڻي جي ڪيس تي وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ تي جو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي ۽ يونيورسٽي قاعدن ۾ توسيع ڏئي اهڙا مسئلا حل ڪرڻ جون شقون موجود آهن. يونيورسٽي وٽ ايڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن کان انحراف ڪرڻ جو ڪو سبب نه آهي. هن چيو ته يونيورسٽي ??دانتظامي جي درستگي بدران عوامي خزاني ۽ شاگردياڻي جي وقت جي زيان کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر ايئ?? يونيورسٽي ??ي زور ڏنو ته شاگردياڻي جي لگن، محنت ۽ سرمائي کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين جي مدد ۽ رهنمائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايئ?? يونيورسٽي ??ي اقراءِ منير نالي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته هوءَ ايئ?? يونيورسٽي ??ان واڳيل ڪاليج ۾ سائيڪالوجي پروگرام بيچلر آف سائنس (آنرز) جي شاگردياڻي آهي، هن ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري 2020ع ۾ ڊگري مڪمل نه ڪري سگهي هئي. ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اضافي سال ??ي لاءِ يونيورسٽي ??ان رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي کي ايڇ اي سي سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو. ايڇ اي سي مجاز اٿارٽي کي ميڊيڪل هسٽري ۽ يونيورسٽي قاعدن کي نظر ۾ رکندي توسيع جي معاملي تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود توسيع نه ملڻ تي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني هئي. وفاقي محتسب ايئ?? يونيورسٽي کي اقراءَ منير جو ڪيس يونيورسٽي ??ي فنڪشنل ڪميٽي ??ڏو نظرثاني جي لاءِ رکڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي خلاف يونيورسٽي ??در کي درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته يونيورسٽي ??يڇ اي سي جي سفارشن تي عمل نه ڪيو ۽ ڪنهن مجاز اٿارٽي ??ڏو نه رکيو، شاگردياڻي ڪورونا جي ڪري بيمار هئي، ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي وقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي. صدر چيو ته ايڇ اي سي پاليسي موجب ڊگري مڪمل ڪرڻ جو مدو 6 سال ??هي جيڪو منظوري کانپوءِ هڪ سال ??ائين وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردياڻي جو ڪيس وقت تي ڪميٽي ??ڏو رکيو وڃي ها ته مسئلو حل ٿي سگهيو پئي پر ائين نه ڪيو ويو، يونيورسٽي پنهنجي بدانتظامي ختم ڪرڻ بدران وقت ۽ وسيلن جو زيان ڪيو. صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئ?? يونيورسٽي ??ي درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ايڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن موجب شاگردياڻي کي سهولت ڏني وڃي.