اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??اڪ??تان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي مل??قا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيو. هن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اتفاق ??اءِ پيدا ڪرڻ ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪر??ار کي ساراهيو. هن غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ بيگناهه فلسطينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ ??اڪ??تان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.