روالپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) سيڪي??رٽ?? فورسز ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊيره اس??اع??ل خان ۾ ڳجهي معلومات تي ??ار??وائيون ڪيون جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ ديسي ساخت جو بم ڦاٽڻ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق 20 نومبر 2023ع تي ڊيره اس??اع??ل خان ضلع جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 دهشتگرد مارجي ويا. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل هڪ ڌار ??ار??وائي ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد مارجي ويو. مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا جيڪي سيڪي??رٽ?? فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ??ار??وائين ۾ استعمال ٿيندا رهيا. هڪ ٻيو واقعو اتر وزيرستان صلع جي غوريوم ۾ پيش آيو جتي هڪ ديسي ساخت جو بم ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شاهه زيب جنهن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو راولپنڊي جو رهواسي هو شهيد ٿي ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ??ار??وائيون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته پاڪستان جون سيڪي??رٽ?? فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جا بهادر سپاهي اهڙيون قربانيون ڏئي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.