اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي درپيش صحت جي چئ??ين??ز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سان حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ خصوصي ??اڻهن جي حقن جي حوالي سان رويي ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صحت جي عالمي اداري جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي ??يو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ??اڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر حڪومتي قدمن جي سپورٽ ڪرڻ ۽ بنيادي صحت جو نظام مضبوط بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار کي ساراهيو. صدر گهر جي سطح تي ذهني صحت جي اهميت ۽ شروعاتي مشاورت بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ذهني صحت جي ٽول ڪِٽ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا پاڪستان جو صحت جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو پاڪستاني عوام جي صحت بهتر بڻائڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندو. صدر چيو ته ذهني صحت تي معاونت جو نظام قائم ڪرڻ، معياري ذهني صحت جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڌرين جي تعاون ۽ خصوصي ??اڻهن جا حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا بريسٽ ڪينسر، ذهني صحت ۽ خصوصي ??اڻهن جي حقن سميت صحت جي مختلف مسئلن تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ صدر ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. صدر پاڪستان جي صحت جي شعبي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو.