اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خصوصي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏسڻ کان م??روم ماڻهن جي لاءِ صحت واري وزارت اهم ڪردار ادا ??ري سگهي ٿي، فني تربيت ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ڏسڻ کان م??روم ماڻهن جي لاءِ مراڪش ٽريٽي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن شهرين تي زور ڏنو ته اهي ڏسڻ کان م??روم ماڻهن سميت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان سلسلي ۾ معاشري ۾ پنهنجون م??بت ذميواريون پوريون ڪن. صدر چيو ته نادرا ۽ انساني حقن واري وزارت خصوصي ماڻهن کي بهترين خدمتون فراهم ??ري رهيا آهن. هن چيو ته ڏسڻ کان م??روم ماڻهن جي لاءِ معاهدا ڪيترائي دروازا کوليندو. خواهش آهي ته ڏسڻ کان م??روم ماڻهن جي لاءِ سهولت سدائين رهي. صدر چيو ته مراڪش سان م??اهدو اسان جي لاءِ خوشي جو سبب آهي. صدر چيو ته ڏسڻ کان م??روم ماڻهن جي لاءِ خصوصي چشمو ٺاهيو ويو آهي. چشمو نابين م??ڻهن جي لاءِ ٽيڪسٽ پڙهي سگهي ٿو ۽ ماڻهو کي سڃاڻي سگهي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن کي تعليم ڏيندڙ استادن کي تربيت ڏني پئي وڃي. معذور ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ آسانيون ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻهو خاص طور تي ڏسڻ کان م??روم ماڻهن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ انهن کي اسڪل سيٽس ڏيڻ ۽ روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي. فني تربيت ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم کي وڌائڻ ۽ خصوصي ماڻهن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور ۽ متحرڪ طريقي سان ڪم ??ري رهي آهي جنهن جو مقصد ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتون پيدا ??ري انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي باوقار زندگي گذارڻ جي لاءِ انهن کي معاشري جي تعاون جي ضرورت آهي. ان مقصد جي لاءِ حڪومتي ادارن ۽ نجي شعبي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ معاشري کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. روين ۾ تبديلي سان م??ذور ماڻهن کي عام زندگ?? طرف آڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ طب جي شعبي ۾ جدت سان اکين کان م??روم ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ وڏو ڪم ٿيو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته خصوصي ٻار به تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ عام اسڪولن ۾ وڃن. هن چيو ته اکين کان م??روم ماڻهن کي فني تعليم ۽ هنر سيکاري انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا به پيدا ڪيا ويندا. هن م??اڪش ٽريٽي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان ٺاهه تحت مراڪش ۾ اشاعتي مواد جي ڪاپي رائيٽس جي حوالي سان ن??مي ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ڏسڻ کان م??روم ماڻهن تائين سموري شايع ٿيل مواد تائين مفت پهچ يقيني بڻائي ويندي. هن خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ ڀرپور شموليت جي لاءِ انهن کي تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪامرس سيڪريٽري محمد صالح احمد فاروقي ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر ۽ آئين تحت تعليم هڪ بنيادي حق آهي، اسان جي لاءِ ان کان وڏي خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته حڪومت پاران ڏسڻ کان م??روم ماڻهن جي تعليم ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي انهن جي خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ صدر ٻڌڻ کان م??روم ماڻهن جي لاءِ مراڪش ٽريٽي تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي، سفارتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصتن ۽ ڏسڻ کان م??روم ماڻهن به شرڪت ڪئي.