اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار ال??ڪش?? ڪميشن وٽ آهي، جڏهن ته ال??ڪش?? ڪميشن آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پن??نجي حڪمت عملي جوڙيندي، اسان ال??ڪش?? ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ ال??ڪش?? ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي. ال??ڪش?? ڪميشن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار آئيني ادارو ال??ڪش?? ڪميشن آف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ال??ڪش?? ڪميشن کان شڪايت آهي ته اهو ال??ڪش?? ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار حڪومت وٽ نه آهي پر ال??ڪش?? ڪميشن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان ال??ڪش?? ڪميشن ئي ٻڌائي سگهي ٿي، حڪومت وٽ اهڙي مقرري جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اندر آئيني حڪومت آهي، اسان آئيني عمل جي پيداوار آهيون، آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت هر هڪ کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آزاد آهي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق حاصل آهي.