اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آهي ته آئين تحت هر شهري کي احتجاج جو حق حاصل آهي، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي ايڇ نائين يا ايف نائين پارڪ ۾ جڳهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي، بلوچستان مان ايندڙ مظاهرين پرامن هئا، ڪجهه نقاب پوش مقامي ماڻهن صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو، سمورين گرفتار عورتن ۽ جن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، انهن ??ي آزاد ڪيو ويو آهي، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي اهي حراست ۾ آهن، سڀاڻي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وفاقي وزيرن مرتضيٰ سولنگي، فواد حسن فواد ۽ جمال شاهه اسلام آباد انتظاميا ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم مظاهرين ??ان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن مظاهرين ??ان ملاقات ڪئي، حڪومت پاران فواد حسن فواد مظاهرين ??ان ڳالهيون ڪيون. هن ??يو ته عورتن ۽ ٻارن جي فوري آزادي جي لاءِ ڪميٽي قدم کنيا جڏهن ته مظاهرين جي پراڻي مسئلن جي حوالي ??ان ڪميٽي پنهنجون سفارشون نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي ميمبر فواد حسن فواد چيو ته بلوچستان مان آيل مظاهرين کي ايڇ نائين ۽ پوءِ ايف نائين پارڪ ۾ جڳهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. هن ??يو ته گذريل 23 ڏينهن ??ان ڪجهه عورتون ۽ مرد پريس ڪلب آڏو ويٺل هئا، جيڪي ماڻهو بلوچستان مان آيا، انهن پاران ڪا شرانگيزي نه ڪئي وئي، پرامن هئا پر ڪجهه مقامي نقاب پوش ماڻهن صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو. هن ??يو ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي بار بار درخواست ڪئي پئي وئي ته توهان ڪنهن ٻي جڳهه تي مظاهرو ڪريو. هن ??يو ته اڄ جن مظاهرين ??ان ا??ان جي ملاقات ٿي ته انهن ٻڌايو ته ا??ان پرامن هئاسين، ا??ان جو ڪو ارادو نه هو ته صورتحال خراب ٿئي. هن ??يو ته مظاهرين ??ان ملاقات کانپوءِ آءِ جي اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر کان رپورٽ ورتي وئي، اهو معاملو نگران وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويو آهي. انهي دوران نگران وزيراعظم ??ان بلوچستان جي اڳوڻي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پڻ رابطو ڪيو ۽ ان مسئلي کي فوري حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن ??يو ته ڪميٽي مظاهرين ??ان ڳالهيون ڪيون، گرفتار سمورين عورتن ۽ جن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي هئي، انهن ??ي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو، رڳو اهي ماڻهو حراست ۾ آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي. هن ??يو ته ايف آءِ آر ۾ جن ماڻهن ??ي نامزد ڪيو ويو آهي انهن جو معاملو عدالت ۾ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب رپورٽ سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. هن ??يو ته ا??ان آءِ جي پوليس اسلام آباد کي چيو آهي ته هو گرفتار ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪري. انهن ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ گرفتار مرد آزاد ٿي چڪا آهن. هڪ سوال تي هن ??يو ته سيڪيورٽي جا معاملا سڀني ڄاڻ ۾ آهن، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي ايف نائين پارڪ يا ايڇ نائين گرائونڊ ۾ وڃڻ جو چيو پئي ويو، حڪومت جي ان عمل ??ان اها پروپئگنڊه زائل ٿي وئي آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نه آهي. هن ??يو ته پٿراءُ جو سلسلو انهن ماڻهن شروع ڪيو جيڪي بلوچستان مان ايندڙ مظاهرين ۾ شامل نه هئ??. ه?? چيو ته آئين جي اندر رهندي سڀني کي احتجاج جو حق حاصل آهي. فواد حسن فواد چيو ته نگران وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي مظاهرين ??ان ڳالهين جي حوالي ??ان پنهنجون سفارشون جوڙيندي، ا??ان جي سفارشن ۾ اهڙي طرح جي معاملن کي منهن ??يڻ جي حڪمت عملي پڻ موجود هوندي. هڪ سوال تي هن ??يو ته احتجاج جي اجازت موجود هئي پر ڪجهه ماڻهو ان معاملي کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهيندا هئا، بلوچستان هجي يا ڪو ٻيو صوبو، هر هڪ جو اسلام آباد اچڻ جو حق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيستائين چونڊن جي ڳالهه آهي ته چئلينجز هر جڳهه تي موجود هوندا آهن، 2008ع، 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن جي وقت به چئلينجز موجود هئا، رياست چئلينجز ۽ مشڪلاتن کي منهن ??يڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ثقافت ۽ قومي ورثي واري نگران وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي ميمبر جمال شاهه چيو ته انتظاميا مظاهرين کي ايڇ نائين يا ايف نائين پارڪ ۾ ويهڻ جو چيو، گذريل 23 ڏينهن ??ان مظاهرين پريس ڪلب جي ٻاهر موجود هئا، انهن جي خلاف ڪنهن ايڪشن نه ورتو. هن ??يو ته ڪجهه سيڪيورٽي خدشن جي ڪري انتظاميا مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ??يو ته ا??ان مسئلن کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪميٽي جون سفارشون نگران وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون.