اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سو??نگ?? چيو آهي ته عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو، ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جي فروغ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آ?? اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن ڊسپلي سينٽر قائم ڪري بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اها ڳالهه هن پا?? چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊائريڪٽوريٽ آ?? اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن (DEMP) پاران قائم ڪيل پهرين ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آ?? اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن 2012ع ۾ ٻن ادارن جي انضمام سان قائم ٿيو، ڊائريڪٽوريٽ آ?? فلم پبلي ڪيشن پا??ستان ٺهڻ کان اڳ موجود هو. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آ?? اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن تمام ئي ناياب قسم جا ڪتاب ۽ تصويرون شايع ڪري رهيو آهي. هن اداري جو?? پبلي ڪيشنز قائداعظم جي مزار، شڪر پڙين، لوڪ ورثه ۽ عام مارڪيٽ ۾ پڻ دستياب آهن. هن چيو ته DEMP جا ڊسپلي سينٽر ٻين جاين تي پڻ قائم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ ??هڙ?? وقت ۾ جڏهن ماڻهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ تحقيق جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، هن اداري عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏنو، ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ DEMP جي پوري ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٿوري وقت ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو جنهن تي ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ڊسپلي سينٽر ۾ رکيل ڪتاب ۽ پبلي ڪيشنز اعليٰ معيار جو?? آهن. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جو فروغ لازمي آهي.