اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ضن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌ??ان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، بيمارين کان بچاءُ سان ملڪ جي صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن بابت ??عور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پناهه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمارين ۽ دل جي م??ضن جي حوالي سان پناهه جي ڪردار بابت ??ريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي م??ضن ۽ دل جي م??ضن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آبادي، مسجدن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آگاهي پيغام وڏي پئماني تي م??ڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ جديد پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي م??تلف بيمارين بابت ??گاهي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سان پناهه جي سرگرمين بابت ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پناهه عوامي آگاهي جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ڪري رهي آهي، پناهه هيستائين آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي سيشنز جو اهتمام ڪري چڪي آهي، پناهه صحتمند??ڻي سرگرمين ۽ طرز زندگي بابت ??ه آگاهي پيدا ڪري ٿي. وفد صدر کي پناهه جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي دل جي م??ضن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.