اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ??يو آهي ته ڊگهي جلاوطني کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ واپسي تي جذباتي ڪيفيت آهي، پنهنجي گهر واپسي ۽ پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ تي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبرن طور حلف کڻڻ کانپوءِ گيٽ نمبر 5 تان واپسي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هو پنهنجي ڌيءَ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان گڏ روانو ٿي رهيو هو. نواز شريف ??يو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، هن وقت سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هڪ سوال جي جواب ۾ تي نواز شريف جذباتي انداز ۾ ??يو ته هڪ ڊگهي عرصي جي جلاوطني کانپوءِ اسيمبلي جي ميمبر جو حلف کڻڻ منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن ??يو ته هي موقعو منهنجي لاءِ خوشي ۽ جذباتي ڪيفيت جو آهي. آئون ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ پرعزم آهيان، پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين.