اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ و??دن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دو?? پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايران?? صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايران?? صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايران?? صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.