اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي)نامياري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي ورسي گذريل ڏينهن م??ها??ي وئي. عبدالستار ايڌي 28 فيبروري 1928ع ۾ ڀارت جي رياست گجرات جي شهر بانٽوا ۾ جنم ورتو. هن 11 سال?? جي عمر ۾ پنهنجي والده جي سار سنڀال جو ڪم سنڀاليو جيڪا ??گر ۾ مبتلا هئي، ننڍي عمر ۾ ئي هن پاڻ کان پهرين ٻي?? جي مدد ڪرڻ سکي ورتو هو جيڪو سندس لاءِ ڪاميابي جي ڪنجي ثابت ٿيو. 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سندس خاندان ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان منتقل ٿيو ۽ ڪراچي ۾ آباد ٿيو. عبدالستار ايڌي سماجي خدمت لاءِ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد رکيو ۽ ايڌي ايمبولينس کي سموري دنيا ۾ نجي شعبي جي سڀ کان وڏي ايمبولينس سروسز جو اعزاز مليو. 16 آگسٽ 2006ع تي بلقيس ايڌي ۽ ڪبريٰ ايڌي پاران ايڌي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تحت دنيا جا امير يا غريب هجن يا دنيا جو ڪو به ملڪ آمريڪا، برطانيه، اسرائيل، شام، ايران، ڀارت، بنگلاديش هجي ان ۾ اها ايمبولينس عطئي طور ڏني پئي وئي. انسانيت جي فلاح ۽ بهبود ۽ امداد جي خدمت?? جي اعتراف ۾ عبدالستار ايڌي کي ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي اعزازن سان به نوازيو ويو جن ۾ 1988ع ۾ ڏنل وال لينن امن انعام شامل آهي. 1989ع ۾ کيس پاڪستان حڪومت طرفان نشان امتياز به ڏنو ويو. 8 جولاءِ 2016ع تي رات جو 11 وڳي بڪين (گڙدن) جي ڪم ڇڏي ڏيڻ سبب عبدالستار ايڌي 88 سال?? جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. کيس ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن وفات کان پهرين اها وصيت ڪئي هئي ته سندس ٻئي اکيون ضرورتمندن کي عطئي طور ڏنيون وڃن. سندس ورسي جي موقعي تي سرڪاري، نجي ۽ فلاحي تنظيم?? جي انتظام هيٺ مختلف تقريبن ۾ عبدالستار ايڌي جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.