اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي شديد مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو ت?? سياسي عمل ۾ هر قسم جو تشدد مذمت جو??و آهي. هن چيو ت?? ان ڏکئي وقت ۾ اسان ج??ن همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڊونلڊ ٽرمپ جي خاندان سان گڏ آهن.