اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چين جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊا??، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآ??ڊي??يٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چ??ني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چ??ني وفد وزيراعظم جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چ??ني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزيراعظم چ??ني قيادت، صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چ??ني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چ??ني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو. وزيراعظم پنهنجي شرو??ات?? ڳالهه ٻولهه ۾ وفد کي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. چيني وفد جي سربراهه چيو ته گڏيل فني تعاون سان پاڪ – چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.