اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپي??ر سردار اياز صادق جي ص??ارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت خلاف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٺهراءُ آڻڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻين پارلياماني معاملن جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي اسپي??ر سيد غلام مصطفي?? شاهه سميت ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، بئريسٽر گوهر علي خان، خواجا اظهارالحسن، مير خالد مگسي، مولانا عبدالغفور حيدري، ملڪ محمد عامر ڊوگر، زرتاج گل، سيد نويد قمر، مير اعجاز حسين جکراڻي، منزه حسن، بلال اظهر ڪياني ۽ سيد حميد الدين شرڪت ڪئي.