اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آه?? ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آه??ون، 20 نڪاتي سڌارن جي شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٿي چڪي آه??. ڪالهه وزيراعظم جي توانائي بابت خاص مددگار محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توانائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان لا??ِ هن شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آه??ون، وزيراعظم جي ويزن تحت سمورن وزارتن ??ي گڏجي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻو آه??. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته وزيراعظم جي حڪمن موجب توانائي جي شعبي تي نيشنل ٽاسڪ ف??رس جوڙي وئي آه??، پاور سيڪٽر سان ڳنڍيل سمورا ادارا ٽاسڪ ف??رس ۾ شامل آه??، نيشنل ٽاسڪ ف??رس توانائي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جو هڪ صحتمند شعبو ڏينداسين. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته جيترو جلدي سان شيون ٺيڪ ڪنداسين اوتري جلدي معيشت بهتر رخن تي ايندي. وزيراعظم جي خاص مددگار محمد علي چيو ته اسان آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلا ڏسي رهيا آه??ون، هاڻي اهو ڏسڻو آه?? ته بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيئن ڪري سگهجي ۽ ڪيئن حڪومت صارفين تي بار گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽاسڪ ف??رس جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو جنهن جي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.