اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف کي 5 وفاقي وزارتن ۾ سڌارن جي لاءِ سفارشون پيش ڪيون ويون، هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ ۽ هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت کي ضم ڪرڻ ۽ 5 وزارتن ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ ۽ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي ڍانچي جي ماپي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اهم اجلاس وز??راعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ??حد خان ??يما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ??اڻا تنوير ??سين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير ??زا فاطمه، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير ??لي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وز??راعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرٿ، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ??الهائيندي وز??راعظم چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت جي اداراجاتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ سروسز ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا ادارا جن پبلڪ سروس جي حوالي سان ??ا خاطرخواهه ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري ۽ قومي خزاني تي بار آهن انهن کي يا ته فوري طور تي ختم ڪيو وڃي يا پوءِ انهن جي فوري نجڪاري جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وز??راعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪندڙ اداري سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي پاڻ نگراني ڪندس. هن سميڊا کي وز??راعظم آفيس تحت آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ??ي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جايون ختم ڪرڻ، نان – ڪور سروسز ۽ عام نوعيت جي ڪمن مثال طور صفائي ۽ جينيٽورئل سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي سفارش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جون ڪيتريون ئي جايون ترتيبوار ختم ڪري سگهبيون. ڪميٽي هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي ۽ وزارتن جي ڪيش بيلنسز تي ناڻي واري وزارت جي نگراني جي سفارش پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ??ي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي سفارش ڪئي ته ناڻي واري وزارت ٻين وفاقي وزارتن جي ڪيش بيلنسز جي نگراني ڪري، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت، سرحدي معاملن واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سڀ کان پهرين 5 وزارت ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. انهن 5 وزارتن ۾ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويز ڪيل سڌارن جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي وڃي. هن انهن سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جو ٺوس پلان پڻ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.