اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپ??يش?? تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جرئتمندي جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن کي ماريو. هن آپ??يش?? ۾ جوانن جي شهادت تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. صدر چيو ته ملڪ ۾ امن امان تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداس??ن، ملڪ جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. صدر شهيدن جي درجن جي ب??ندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.